گيم چينجر فاسٽ بالرن ۽ اسپنرز جي فهرست به سامهون اچي وئي

دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ گيم چينجر فاسٽ بالرن ۽ اسپنرز جي فهرست به سامهون اچي وئي آهي، پر پاڪستان جو ڪوبه /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 13

رانديگر ٽاپ 5 ۾ شامل ناهي. آءِ سي سي جي گيم چينجر فاسٽ بالرن جي فهرست ۾ حسن علي کي جاءِ ملي ته 14 اسپنرز ۾ شاداب خان شامل هو، پر 5 گيم چينجرز ۾ آل رائونڊرز ۾ پاڪستان جو ڪوبه رانديگر شامل ناهي، جڏهن ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ آل رائونڊر جي عالمي رينڪنگ ۾ عماد وسيم جو چوٿون ۽ محمد حفيظ جو ستون نمبر آهي.گيم چينجرز ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن کي جاءِ ملي آهي، جنهن جو رينڪنگ ۾ پهريون نمبر آهي، شڪيب 3 کان 6 نمبر تائين بيٽنگ ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته وٽس رنز روڪڻ جو فن به آهي.ويسٽ انڊيز جي آندري رسل ڇڪا هڻي ٿو، ان بابت امڪان آهي ته هو انگلينڊ ۾ رڪارڊ قائم ڪندو.آسٽريليا جي مارڪوس اسٽوئنس تيزي سان مقبول ڪري رهيو آهي، ٽاپ آرڊر سان لوئر آرڊر تائين بيٽنگ ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته ڀارت جي هارديڪ پانڊيا به گيم چينجرز ۾ شامل آهي.انگلينڊ جي بين اسٽوڪس به فهرست جو حصو آهي، سندس موجوده پرفارمنس سٺي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *