گيل، دلشان ۽ گنگولي جو رڪارڊ ٽُٽي ويو، ڪوهلي تاريخ ۾ وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙ ڀارت جو ٻيو ۽ دنيا جو پنجون بيٽسمين بڻجي ويو

چنائي(اسپورٽس نيوز) اسٽار بيٽسمين ويرات ڪوهلي ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙ ڀارت جو ٻيو ۽ دنيا جو پنجون بيٽسمين بڻجي ويو آهي. ڪوهلي ڏکڻ آفريڪا خلاف چوٿين ون ڊي ۾ شاندار سينچري ٺاهي ڪرس گيل، دلشان ۽ گنگولي جي 22 سينچرين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ان کان علاوه هو ٽئين نمبر تي وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙ ڀارت جو پهريون ۽ دنيا جو ٽيون رانديگر بڻجي ويو آهي. ٽئين نمبر تي بيٽنگ ڪندي وڌيڪ سينچريون ٺاهڻ جو اعزاز رڪي پونٽنگ وٽ آهي، هن 29 سينچريون ٺاهيون آهن، جڏهن ته سنگاڪارا ان نمبر تي کيڏندي 18 سينچريون اسڪور ڪيون، ڪوهلي 16 سينچريون ٺاهيون آهن. ان سان گڏوگڏ ڪوهلي ون ڊي ميچن ۾ وڌيڪ رنسن جي فهرست ۾ ووين رچرڊز، اينڊي فلاور ۽ گيري گرسٽن کي پوئتي ڍڪي ڇڏيو آهي. اهڙيءَ ريت هو وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو 38هون بيٽسمين بڻجي ويو. ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ وڌيڪ سينچريون ٺاهڻ جو اعزاز سچن ٽنڊولڪر وٽ آهي جنهن 49 سينچريون ٺاهيون. رڪي پونٽنگ 30 سينچرين سان ٻئي نمبر تي، جي سوريا 28 سينچرين سان ٽئين ۽ ڪمار سنگاڪارا 25 سينچرين سان چوٿين نمبر تي آهي. جڏهن ته ويرات ڪوهلي 23 سينچرين سان پنجين نمبر تي اچي ويو آهي. هن ڏکڻ آفريڪا خلاف شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪري ڪيريئر جي 23 سينچري ٺاهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *