گو عمران گو جو نعرو ڏکويل دلين جي ترجماني آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير چيو آهي ته هو بيلٽ پيپرز جي فرانزڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جي پيشڪش تي هاڻ به قائم آهي عمران خان 48 ڪلاڪن ۾ ان کي قبول ڪري پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي اطلاعات واري وزير جو چوڻ هو ته عمران خان پنهنجي خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ جمهوري نظام کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو هن 6 مهينا جمهوريت خلاف سازش ڪئي ۽ هاڻ دهشتگردن خلاف حڪومتي قدمن جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهيو آهي عمران خان جي سياست ڪوڙ تي ٻڌل آهي، هو قوم سماهون سچ نه ٿو رکي، عمران خان پنهنجي سياسي جي طريقي کي تبديل ڪري هن کي گهرجي ته هو جمهوريت کي مضبوط ڪري، عمران خان کي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ” گو عمران گو“ جا نعرا ٻڌڻا پي،ا گو عمران گو جو نعرو پاڪستاني جي ڏکايل دلين جي ترجمان ڪري ٿو، پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته جاچ ڪميشن اهڙين شڪايتن تي بڻجي ٿي جيڪي ٽربيونل جي دائري ۾ نه اچن، اين اي 122 جي ووٽن جي جاچ ڪندڙ لوڪل ڪميشن ڪٿي به نه چيو ته ووٽن جي تصديق نٿي ٿي سگهي، هن جو چوڻ هو ته ڪجهه ووٽن جي ڪائونٽر فائل تي صحيحون ناهن، عمران خان بوگس ووٽن جي نشاندهي ڪئي هو بيلٽ پيپرز جي فرانزڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جي پيشڪش تي اڄ به قائم آهي عمران خان 48 ڪلاڪن ۾ فرانزڪ ٽيسٽ جي پيشڪش قبول ڪري هن چيو ته عمران خان ڄاڻي ٿو ته ان کي جوڊيشل ڪميشن به شڪست ٿيندي،  ان لاءِ هاڻ هو ان کان پوئتي هٽي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *