گوسڙو ملازمن جي جزا ۽ سزا جو وقت اچي ويو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ”صاف سرسبز سنڌ پرامن سنڌ مهم“ ۾ هاڻ آفيسرن جي جزا ۽ سزا جو وقت اچي پهتو آهي. هاڻ جنهن به ضلعي مان شڪايتون اينديون ان علائقي جو آفيسر معطل ٿيندو. بلديات کاتي ۾ هزارن جي تعداد ۾ گوسڙو ملازم آهن ۽ انهن کي فارغ ڪري ئي ساهه کڻنداسين. ڪراچي ۾ وهره برادري پاران ان مهم کي اوون ڪرڻ ۽ نارٿ ناظم آباد جي هڪ رستي کي پنهنجي حوالي وٺڻ جي اسان جي درخواست کي قبول ڪرڻ تي سندن ٿورائتا آهيون. صفائي مهم سالن تائين جاري رهندي ۽ آئون پاڻ روزانو جي بنياد تي نه صرف ان ۾ حصو  وٺندو رهندس بلڪ ان جي مانيٽرنگ به ڪندو رهندس. وسيلن جي کوٽ آهي، جنهن تي وڏي وزير کي گذارش ڪئي آهي ۽ هن بلديات کاتي کي فنڊز فراهم ڪرڻ جي پڪ ڪرائي ڇڏي آهي. ڪابينا ۾ ردوبدل جو اختيار وڏي وزير وٽ آهي جڏهن ته منهنجي گهرو وزير ٿيڻ جي خبرن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نارٿ ناظم آباد ۾ وهره ڪميونٽي جي تحت ”صاف سرسبز سنڌ، پرامن سنڌ“ مهم تحت هشاميه مسجد ۽ آسپاس ۾ ٻوٽو پوکي ۽ ٻهارو ڏئي مهم ۾ حصو وٺڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو، وهره برادري جي عامر منصور ڀائي، ڪوآرڊينيٽر ڪراچي نظافت ڪميٽي علي اصغر ڀائي، ميٽرو پوليٽن ڪمشنر مسعود عالم، ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ روبينه آصف، ايڊمنسٽريٽر ڪمال احمد، ميونسپل ڪمشنر سينٽرل مصطفيٰ ڪمال کان علاوه وهره ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ وڏي تعداد شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وهره ڪميونٽي تحت صوبائي وزير جي آمد تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ کيس هشاميه مسجد ۽ آسپاس وارن علائقن جو دورو ڪرايو ويو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ مسجد جي احاطي ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم ۾ حصو ورتو ۽ مسجد ٻاهران ٻهارو ڏنو. ان موقعي تي صوبائي وزير کي وهره برادري جي روحاني پيشوا سيدنا صاحب پاران ان مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ ۽ ان سلسلي ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ وهره برادري پاران ورتل اپائن کان آگاهه ڪيو ۽ کين پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ مسئلن طرف ڌيان ڇڪرايو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ موقعي تي ئي ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪمشنر سينٽرل، واٽر بورڊ جي عملدارن ۽ ڊي سي سينٽرل کي هدايتون جاري ڪيون ۽ فوري طور تي پيش ايندڙ مسئلن جي ازالي جا حڪم ڏنا. ان موقعي تي هن وهره برادري جي اڳواڻن کي گذارش ڪئي ته هو ان مهم کي اوون ڪرڻ سان گڏوگڏ نارٿ ناظم آباد ۾ وهره ڪميونٽي جي رهائشي علائقي جي هڪ رستي ۽ رائونڊ ابائوٽ کي سنڀالڻ تي اڳواڻن کين يقين ڏياريو ته هو اڳتي هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ ان سلسلي ۾ رستي جي نشاندهي ڪري ان کي پاڻ سنڀاليندا. ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان جي صاف سرسبز ۽ پرامن سنڌ مهم تحت ڪراچي سميت صوبي ۾ سرڪاري سطح سان گڏوگڌ ڪميونٽي سطح تي به پذيرائي ملي رهي آهي ۽ اڄ ان سلسلي ۾ وهره برادري جي دعوت تي هتي آيو آهيان ۽ مونکي گهڻي خوشي ٿي آهي ته وهره برادري جي روحاني پيشوا ۽ سمورن اڳواڻن ان مهم کي نه صرف اوون ڪيو آهي بلڪ هن مختلف علائقن ۾ رستن ۽ چوراهن کي سنڀالڻ جي به پڪ ڪرائي آهي. هن چيو ته حڪومت وٽ وسيلن جي کوٽ آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪميونٽي جو تعاون ان مهم ۾ ڪارآمد ثابت ٿيو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته وسيلن ۽ فنڊز جي کوٽ جو بلديات کاتي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسان وڏي وزير کي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي هن منظور ڪيو آهي ۽ جلد ئي اسان کي فنڊز ملي ويندا، جنهن سان خراب مشينري کي درست ۽ ٻي مشينري جي خريداري ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان مهم کي هڪ هفتو هلائڻ جو اعلان ڪيو هو، پر زميني حقيقتن کي ڏسندي ان کي سال تائين وڌايو ويو آهي. جنهن جو هڪ سبب ڪراچي ۾ روزانو 12 هزار ميٽرڪ ٽن ڪچري مان صرف 4 هزار ميٽرڪ ٽن ڪچرو کڻڻ ۽ باقي جو رهجي وڃڻ آهي ۽ هن وقت به شهر ڪراچي ۾ لکين ٽن ڪچرو موجود آهي، جنهن کي کڻڻ لاءِ اسان ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هاڻ ان مهم ۾ اهو موڙ اچي پهتو آهي ته آفيسرن جي جزا ۽ سزا ڪئي وڃي. هن چيو ته هاڻ به ڪراچي ۾ ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۽ ايسٽ ۾ صفائي سٿرائي جي حوالي سان شڪايتون موجود آهن ان لاءِ انهن علائقن جي آفيسرن کي آخري وارننگ ڏيان ٿو ته هو فوري طور تي انهن شڪايتن جو ازالو ڪري وٺن، ٻي صورت ۾ کين عهدن کان معطل ڪيو ويندو ۽ هڪ سال تائين انهن کي ڪٿي جڳهه نه ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صوبائي ڪابينا ۾ ردوبدل جو اختيار وڏي وزير وٽ آهي. هڪ ٻي سوال جي تي هن چيو ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جي پوليس، رينجرز ۽ امن امان جي بحالي وارا ادارا ڏينهن رات ڪوشان آهن ۽ وڏي پيماني تي ڪاميابيون ملي رهيون آهن ۽ ان آپريشن کان پوءِ ڏوهن جي شرح ۾ خاطر خواهه گهٽتائي واقع ٿي آهي. هن چيو ته هن وقت پوري صوبي ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جو ڪوبه مغوي نه آهي ۽ جيڪي به اغوا ٿين ٿا انهن کي پوليس ۽ رينجرز بازياب ڪرائي ورتو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي پوليس، رينجرز ۽ امن امان جي بحالي جي ٻين ادارن جي ڪاوشن سان ڪيترن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ۽ امن امان جي بحالي جا ادارا جنهن جذبي سان هن ملڪ ۽ صوبي کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجا فرض انجام ڏيئي رهيا آهن، اسان جي عدليه به ان جذبي تحت انهن جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته معاشري ۾ بهتري اچي سگهي. گوسڙو ملازمن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪيترا نه بلڪ هزارن جي تعداد ۾ گوسڙو ملازم بلديات کاتي ۾ موجود آهن ۽ ان لاءِ اسان سنڌ حڪومت جي سنڌ بئنڪ ۾ انهن جا اڪائونٽ کولرائڻ جو اعلان ڪيو ته جيئن اهڙا ملازم جيڪي يا ته هن ملڪ ۾ ئي نه آهن يا وري هو هن دنيا ۾ ئي نه آهن يا وري هو هڪ کان وڌيڪ سرڪاري کاتن ۾ هڪ ئي وقت نوڪري ڪري رهيا آهن انهن جو خاتمو ڪري سگهجي، پر افسوس ته سنڌ حڪومت جي انتظامي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم امتناعي ڏنو آهي. جنهن تي سنڌ حڪومت جا قانوني ماهر جلد ان جو جواب به ڏيندا ۽ اسان معزز عدليه کي به گذارش ڪريون ٿا ته هو به ان تي غور ڪري. ڪراچي ۾ اقليتن جي مذهبي عبادتگاهن جي تحفظ جي سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته لاهور ۾ ڌماڪن کان پوءِ وڏي وزير آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي ڪراچي سميت پوري صوبي ۾ مسيحي ۽ هندو برادري جي عبادتگاهن جي مڪمل سڪيورٽي جا حڪم ڏنا آهن. اسان دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن اقليتن کي هتان جو هر پاڪستاني ۽ مسلمان پنهنجي جان کان وڌيڪ حفاظت لاءِ تيار آهي ۽ اسان پنهنجن اقليتي ڀائرن کي ان ڳالهه جي مڪمل پڪ ڪرايون ٿا ته هتان جو هڪ هڪ پاڪستاني ۽ مسلمان انهن جي حفاظت لاءِ انهن سان گڏ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *