گورنر ۽ وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ سنڌ ڪابينا جي قائداعظم جي مزار تي حاضري، گل چاڙهي فاتحه پڙهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه يوم پاڪستان جي موقعي تي ڪالهه قوم جي ابي قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. ٻنهي اڳواڻن قائداعظم جي مزار تي گل چاڙهي فاتحه پڙهي. ان موقعي تي گورنر مهمانن واري ڪتابڙي ۾ پنهنجا تاثر درج ڪندي قائداعظم کي زبردست خراج پيش ڪيو. صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، منظور حسين وساڻ، وڏي وزير جي خاص صلاحڪار شرميلا فاروقي ۽ ايڊيشنل آءِ جي پوليس ڪراچي غلام قادر ٿيٻو ۽ ٻيون معزز شخصيتون گورنر ۽ وڏي وزير سان گڏ هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *