گورنر کان اختيار واپس: هاڻ وڏو وزير پاڻ پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪندو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (م.ڊ) گورنر کان اختيار واپس: هاڻ وڏو وزير پاڻ پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪندو. سنڌ ڪابينا جي اجلاس بابت پريس بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ٻين اهم فيصلن سان گڏ سنڌ ايڪسپلوزِوَ ۽ صلاحڪارن جي مقرريءَ جي حوالي سان ترميمي ايڪٽ جي منظوري ڏني وئي آهي. صلاحڪارن جي مقرري بابت منظور ٿيل ترميمي ايڪٽ ۾ سنڌ جي گورنر جا اختيار ختم ڪيا ويا. نئين ايڪٽ موجب هاڻ وڏي وزير جا صلاحڪار مقرر ڪرڻ لاءِ سنڌ جي گورنر سان هاڻ ڪابه مشاورت نه ٿيندي، وڏو وزير پاڻ پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪندو. اُن کان اڳ گورنر کي صلاحڪارن جي مقرري جي منظوري ڏيڻي هئي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اعجاز جکراڻي کي وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ تي گورنر طرفان اعتراض وارڻ کانپوءِ گورنر هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوس ۾ تڪرار پيدا ٿيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *