گورنر سنڌ ۽ وڏي وزير ڏوهارين خلاف بنا فرق جي ڪارروائي تي اتفاق ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڱاري ڏينهن شام جو سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ جاري صورتحال، ترقياتي معاملن، امن امان قائم رکڻ ۽ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي کنيل قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي.گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب گورنر ۽ وڏي وزير صوبي ۾ سڀني طبقن ۾ ڀائيچاري کي زور وٺائڻ،گڏيل حڪمت عملي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن امن امان جي قيام لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، پيشيور ڏوهاري عناصر خلاف بنافرق ۽ دٻاءُ جي ڪاررواي ۽ ڪيسن کي تيزيءَ سان حل ڪرائڻ تي به اتفاق ڪيو.  ٻنهي اڳواڻن عيدالاضحيٰ کان اڳ ۽ ان بعد صوبي ۽ ان جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ سيڪيورٽي نظام کي وڌيڪ فعال ۽ انٽيليجنس رابطن کي اثرائتو رکڻ تي زور ڀريندي ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي ته حساس هنڌن تي نگراني وارين ڪيميرائن وسيلي نگراني ۽ گشت ۾ اضافو ڪري امن امان کي يقيني بڻايو وڃي. گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته صوبي ۽ ان جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ واپاري ۽ سماجي سرگرمين جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل ترقياتي رٿائن کي مقرر وقت تي مڪمل ۽ عوام کي سفري سهولتن جي فراهمي به يقيني بڻائي وڃي شهر ۾ صفائي مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ شاهراهن جي آسپاس قائم حددخليون ختم ڪري ڪراچي شهر جي خوبصورتي کي وڌيڪ نکاريو وڃي. هنن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ، امن امان جو قيام، روزگار جي وسيع موقعن جي فراهمي، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۽ عوام کي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ذميداري آهي. حڪومت پنهنجي محدود وسيلن ۾ رهندي عوام کي هرممڪن سهولتون فراهم ڪندي ان ڏس ۾ سڀ وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. هنن چيو ته  ڪراچي ۾ فرقيواراڻي سازش کي عالم سڳورن جي سهڪار سان ناڪام بڻائينداسين. هنن چيو ته ميڊيا عوام ۾ شعور بيدار ڪيو آهي، هاڻ ڪنهن به سازش کي عوام آساني سان سمجهي وڃي ٿو، عوام کي پنهنجي آسپاس موجود هر شخص تي ڪرڙي نظر رکڻي پوندي ۽ ڪنهن به شڪي سرگرمي يا فرد جي موجودگي جو اطلاع قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏنو وڃي ته جئين انهن عنصرن کي چٿيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *