گورنر سنڌ ۽ نثار کهڙو جي مزارِ قائد تي حاضري، گلن جي چادر چاڙهي فاتحه پڙهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو 138 هون جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي، مزار تي گارڊز جي تبديلي ڪئي وئي ،سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد  خان  مزار قائد تي حاضري ڀرڻ بعد چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ قوم کي متحد ڪيو آهي ۽ فوج عوام جي مدد کانسواءِ ڪابه جنگ کٽي نٿي سگهي.گورنر عشرت العباد خان سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي  ۽ ٻين عملدارن سان گڏ قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهڻ بعد فاتح پڙهي.  مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر عشرت العباد خان چيو ته ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ قائد اعظم جي اصولن تي هلي سمورن چئليجز کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي سرزمين کي دهشتگردي کان پاڪ بڻايو ويندو ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهڻ گهرجي.  هن چيو ته فوج  عوام جي مدد کانسواءِ ڪابه جنگ کٽي نٿي سگهي. هن چيو ته پشاور ۾ دهشتگردي جو بدترين واقعو پيش آيو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ سموري قوم کي متحد ڪيو آهي. ان کان اڳ قائد اعظم جي مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي واري تقريب ٿي، جنهن دوران پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي ڪيڊٽس پاڪستان ايئر فورس جي جوانن کان ذميواريون ورتيون. گارڊز جي تبديلي واري تقريب دوران پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جو ڪمانڊنگ آفيسر ميجر جنرل نديم رضا مکيه مهمان هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *