گورنر سنڌ کي سرڪاري دستاويزن جو مطالعو ڪرڻ ۾ ڏکيائي آهي ته قانوني مشاورت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: سنڌ حڪومت جي آڇ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون ۽ ماحوليات بابت صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب گورنر جي هڪ خانگي ٽيلي ويزن تي بيان ڏيڻ تي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گورنر سنڌ کي سرڪاري دستاويزن جو مطالعو ڪرڻ ۾ ڪا ڏکائي پيش اچي رهي آهي ته سنڌ حڪومت کيس قانون مشاورت فراهم ڪرڻ تي تيار آهي ڇو ته سنڌ حڪومت گورنر هائوس جا خرچ برداشت ڪندي آهي پر گورنر صاحب سنڌ حڪومت جي خلاف ئي ڳالهائي رهيو آهي. هن چيو ته ڪالھ گورنر عمران اسماعيل غلط ۽ بي بينياد الزام لڳايا انهن الزامن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي گورنرن هڪ مانوارو عهدو آهي ان عهدي تي فائز شخص کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي ۽ گورنر جي عهدي کي سياسي نه بڻايو وڃي. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته سنڌ حڪومت رحم جي اپيل جي جيڪا سمري گورنر سنڌ کي اُماڻي ان ۾ گھرو کاتي جي سيڪريٽري، جيلن بابت صلاحڪار، چيف سيڪريٽري ۽ وزير اعليٰ سنڌ جون صححيون آهن. ان سمري ۾ منهنجو نالي ڪٿي به ناهي پر گورنر سنڌ چوي ٿو ته اها سمري مرتضيٰ وهاب اُماڻي آهي. هن سرڪاري دستاويز جو مطالعو به ڪيو آهي يا فقط بريڪنگ نيوز بڻجڻ جي شوق ۾ اهڙي قسم جا بيان ڏئي رهيو آهي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب گورنر سنڌ جي بيان تي سخت رد عمل ڏيندي چيو ته هن کي پنهنجي ان غير ذميواراڻي بيان کي فوري طور تي واپس وٺڻ گھرجي ۽ اخلاقي قدرن کي نظر ۾ رکندي معافي وٺڻ گھرجي ڇو ته هو رياست مدينه جي پيروڪار هجڻ جو دعويدار آهي پر سندس قول ۽ فعل ان جي ابتڙ آهي. هن چيو ته منافقاڻي رويي جا پيروڪار ڪير آهن اهو ملڪ جو هر ماڻهون ڄاڻي ٿو پر حڪومتي عهدن تي ويٺل شخص ٻاراڻيون حرڪتون ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *