گودامن تي نيب جا ڇاپا، ڪڻڪ بدران ٻورين ۾ مٽي ڀريل . 2 لک ٻوريون غائب هئڻ جو انڪشاف

سکر/ڪنڌڪوٽ(نمائندن وٽان) ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ خوراڪ کاتي جي گودامن اندر ٻوريون ۾ ڪڻڪ بدران مٽي ڀريل هئڻ ۽ ڪڻڪ جون 2 لک ٻوريون غائب هئڻ جو انڪشاف، نيب ڪيترائي گودام سيل ڪري ڇڏيا، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي جي نيب کي خوراڪ کاتي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڪرپشن جو اطلاع ملڻ بعد ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي، نيب سکر جي ٽيم ضلعي جي مختلف گودامن تي ڇاپا هنيا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇاپن دوران گودامن مان 50 ڪروڙ رپين جون 2 لک ٻوريون غائب هيون، ان کانسواءِ ڪيترن ئي گودامن اندر ڪڻڪ بدران مٽي سان ڀريل ٻوريون هٿ آيون، جنهن بعد ڪيترائي گودام سيل ڪيا ويا آهن.نيب ذريعن موجب ضلعي جي گودامن تي ڇاپن جو سلسلو جاري آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي ساڳي ٽيم ڪنڌڪوٽ ۾ تعليم کاتي جي آفيس تي به ڇاپو هنيو، جتان 2012 ۾ مبينا جعلي ڀرتين واري ڪيس جي حوالي سان ريڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *