گوادر ڪوسٽل هاءِ وي تي هٿياربندن جي فائرنگ، نيوي اهلڪارن سميت  14 ڄڻا شهيد  

ڪوئيٽا (اين اين آءِ) بلوچستان صوبي جي ضلعي گوادر ۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي اڻڄاتل هٿياربندن بس مان لاهي 14 مسافرن کي قتل/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

ڪري ڇڏيو شهيدن ۾ پاڪستان ڪوسٽ گارڊ، نيوي جا اهلڪار به شامل هئا ٻن ڄڻن ڀڄي حياتيون بچايون ۽ ليويز کي واقعي جو اطلاع ڏنو سيڪيورٽي فورسز ذريعن موجب اربع ۽ خميس جي وچ واري رات گوادر ۾ مڪران ڪوسٽر هاءِ وي تي بزي ٽاپ جي هنڌ وٽ سيڪيورٽي فورسز جي وردي پهريل 15 کان 20 هٿياربندن ڪراچي کان گوادر ۽ گوادر کان ڪراچي ويندڙ مسافر بسن کي چيڪنگ جي بهاني روڪي بسن ۾ موجود مسافرن جا سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪيا ۽ مختلف بسن مان 16 ڄڻن کي لاهي پاڻ سان گڏ وٺي ويا جنهن کان پوءِ دهشتگردن هٿ ٻڌي 14 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندن لاش مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي نوربخش هوٽل ويجهو اڇلائي فرار ٿي ويا فائرنگ دوران ٻه مسافر موقعو ڏسي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جن ويجهي ليويز ٿاڻي کي واقعي بابت اطلاع ڏنو واقعي بابت اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ پهتي ۽ لاش تحويل ۾ وڍي اورماڙه اسپتال منتقل ڪري ڇڏي جتي لاشن جي سڃاڻپ يوسف، وسيم، فرحان الله، علي رضا، ذوالفقار، هارون، علي اصغر، حمزه، رضوان، ذهين جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ٻين ماڻهن جي سڃاڻپ جاري هئي ذريعن موجب مارجي ويلن ۾ سرڪاري ملازم به شامل آهن جن جو تعلق پاڪستان نيوي، ايئرفورس، پاڪستان ڪوسٽ گارڊز سان ٻڌايو پيو وڃي ذريعن موجب بلوچستان جي چيف سيڪريٽري حيدر علي تصديق ڪئي ته هٿياربندن فرنٽيئر ڪور پس جون ورديون پهريل هيون گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته مقتولن ۾ نيوي ۽ ڪوسٽ گارڊ جا اهلڪار به شامل آهن واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز گوادر ۽ ڀرپاسي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي. آءِجي پي بلوچستان حسن بٽ مطابق بزي ٽاپ جي علائقي ۾ رات ساڍي 12 وڳي کان هڪ وڳي تائين اٽڪل 15 کان 20 هٿياربندن ڪراچي کان گوادر ايندڙ ويندڙ پنج کان 6 بسن کي روڪي ان ۾ موجود مسافرن جا سڃاڻپ ڪارڊ ڏٺا ۽ کين گاڏي تان لاهي قتل ڪري ڇڏيو. هن واقعي بابت ٻڌايو ته هي ٽارگيٽ ڪلنگ آهي ۽ مقتولن کي سندن سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي ڀرسان کان گوليون هنيون ويون.وزيراعظم عمران خان مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي دهشتگرديءَ جي مذمت ڪندي اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.  وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته مڪران ڪوسٽل هاءِ وي جي واقعي ۾ بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو، ملوث ماڻهن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.  وزيراعظم عمران خان دهشتگردي جي واقعي تي اختيارين کان رپورٽ طلب ڪندي متاثرن جي خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته  هزاره حملو، حيات آباد ۾ تي ٽي پي ۽ اڄ ڪوسٽل هاءِ وي تي وحشياڻو واقعو ٿيو آهي، اسان امن لاءِ گهڻي قرباني ڏني آهي، واقعي جي ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو. ٽويٽر تي هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته  دهشتگردي جي واقعن ۾ هڪ منظم پيٽرن نظر اچي رهيو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي پر اها جنگ اڃا ختم نه ٿي آهي.سينيٽ جيچيرئمين محمد صادق سنجراڻي ڪوئيٽا جي علائقي اورماڙه جي ڪوسٽل هاءِ وتي مسافرن کي قتل ڪرڻ جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو اهي ته دهشتگرد ملڪ جي امن کي تباهه ڪري پنهنجن ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نٿا ٿي سگهن هڪ بيان ۾ هن هٿياربندن جي ڪارروائي کي بزدلاڻي ڪارروائي ۽ شڪست کاڌل ذهنيت قرار ڏنو سينيٽ جي چيئرمين چيو ته پرامن ماحول کي خراب ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو هن چيو ته دهشتگردي جو ملڪ مان خاتمو پهرين ترجيحي آهي هن چيو ته دهشتگردن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نٿي ٿي سگهي هن چيو ته 14 بيگناهه ماڻهن جي قتل تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا، سينيتر سيد شبلي فراز، سينيٽر راجا محمد ظفرالحق به مسافرن جي رتوڇاڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيدن لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *