گوادر جي تعمير و ترقي جو منصوبو خطي جي لاءِ گيم چينجر آهي: عمران خان

اسلام آباد (م.ڊ) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جِي ترقي لاءِ رٿابندي واري وزير، ناڻي بابت صلاحڪار ۽ بلوچستان جَي وڏي وزير تي ٻڌل خصوصي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وزير اعظم عمران خان جي/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 05

 صدارت ۾ قومي ترقياتي ڪونسل جو ٻيو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آرمي چيف قمر جاويد باجوه، ڊي جي آئي ايس آئي ۽ وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي، وزيراعظم قومي ترقياتي ڪونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان جي عوام جِي احساسِ محرومي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. گوادر جي تعمير و ترقي جو منصوبو خطي جي لاءِ گيم چينجر آهي، بلوچستان ۾ مڪمل امن، سماجي ۽ اقتصادي ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. گوادر منصوبو بلوچستان سميت پوري علائقي لاءِ گيم چينجرز جي حيثيت رکي ٿو. وزيراعظم ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته بلوچستان ۾ روڊ نيٽ ورڪ سميت انفرا اسٽرڪچر ۽ نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ خاص ڌيان ڏنو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *