گهڻيون ئي اداڪارائون منهنجي اسٽائلش هجڻ تي ساڙ ڪنديون آهن: سونم ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اداڪاره سونم ڪپور چيو آهي ته اداڪارائون منهنجي فيشن ٽرينڊ قائم ڪرڻ تي حسد ۾ اچي وائڙيون ٿي وينديون آهن، ڇو ته مون کي اسٽائلش اداڪاره چيو ويندو آهي. هڪ ڀارتي فلم اخبار جي سالياني ورق جي لانچ جي موقعي تي انٽرويو ۾ سونم چيو ته هڪ ڀيري هڪ وڏي اداڪاره جنهن جو نالو نه وٺنديس، باقاعده مون کي شڪايت ڪئي ته منهنجي اسٽائلش هجڻ سبب کيس پنهنجو پاڻ کي اسٽائلش بڻائڻ لاءِ هڪ اسٽائلسٽ کي وڌيڪ پيسا ڏيڻا پيا. جڏهن ته مان ان لاءِ ڪنهن اسٽائلسٽ کان ڪڏهن به مدد ناهي ورتي. سونم ڪپور ٻڌايو ته مان پنهنجي اسٽائل جي پاڻ چونڊ ڪندي آهيان يا پوءِ منهنجي ڀيڻ منهنجي مدد ڪندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *