گهٽ وقت ۾ روينيو ريڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن سنڌ سرڪار جي وڏي سوڀ آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ زمين جي  ڪمپيوٽرائيزيشن وارو ڪم سنڌ جي عوام لاءِ اسانجي سرڪار طرفان عظيم تحفو ثابت ٿيندو.  مون ان منصوبي کي صوبي جي ماڻهن لاءِ عظيم خدمت سمجهي شروع ڪيو ۽ مون کي يقين آهي ته اهي پنهنجي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي حقن واري رڪارڊ کي مڪمل تحفظ ڪرڻ تي مون کي سٺن لفظن ۾ ياد رکندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل رات لينڊ روينيو ڪمپيوٽرائيزيشن ريڪارڊ جي معاملن ۽ مسئلن جي حوالي سان منعقد ٿيل اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ. وڏي وزير جي پرنسپال سيڪريٽري علم الدين بلو، سينيئر ميمبر آف روينيو رضوان ميمڻ، ميمبر آف روينيو ذوالفقار شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وڏي وزير سيد قائم علي شاهه آفيسرن کان پڇاڳاڇا ڪئي ته هن 12 ڊسمبر 2011ع تي 4.9 ارب رپين جي لاڳت سان لينڊ ريڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن جي منصوبي جي منظوري ڏني هئي، ته پوءِ اڄ تائين اهو منصوبو ڪهڙن سببن جي ڪري مڪمل ناهي ٿيو. سينيئر ميمبر آف روينيو رضوان ميمڻ وڏي وزير کي ٻڌايو ته اهو منصوبو ساڍن چئن ورهين جي رڪارڊ عرصي ۾ مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته پنجاب حڪومت زمين جي رڪارڊ ڪرڻ جو اهڙو منصوبو ساڍن 9 ورهين ۾ مڪمل ڪيو. چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ٻڌايو ته پنجاب ۾ 36 ۽ سنڌ ۾ 29 ضلعا آهن ۽ پنجاب ۾ لينڊ رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن جو ڪم عالمي بينڪ جي سهڪار سان ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ پنهنجن ئي وسيلن سان ڪم مڪمل ڪيو، اهڙي لحاظ سان بورڊ آف روينيو تمام بهترين ڪم ڪيو آهي ۽ اهي ڪجهه ننڍن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن جن کي تمام جلد حل ڪرڻ ضروري آهي. ميمبر ذوالفقار شاهه منصوبي جي خاص نقطن بابت ٻڌايو ته سنڌ حڪومت هڪ مرڪزي ڪمپيوٽرائيزيشن سسٽم تيار ڪيو آهي جنهن تحت زمين جا ملڪ صوبي ۾ قائم ڪنهن به سروس سينٽر مان پنهنجي لينڊ ريڪارڊ جي ڪاپي حاصل ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته پنجاب ۾ رڳو لاڳاپيل تعلقي سينٽر مان ئي ريڪارڊ حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته اهو منصوبو تقريبن مڪمل ٿي چڪو آهي رڳو 8 کان 10 سيڪڙو ڊيٽا کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ رهيل آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 24 ضلعن مان 3016 ريڪارڊ جون ڪاپيون جاري ڪيون ويون آهن جن خلاف ريڪارڊ جي نه ملڻ جون رڳو 25 شڪايتون مليون آهن. ذوالفقار شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته هُو گم ٿيل ريڪارڊ ڳولي ۽ غلطن کي ختم ڪري ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم کي پرفيڪٽ بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم جي روشنيءَ ۾ هن ڊجيٽلائيزڊ ريڪارڊ جي مائيڪرو فلمنگ ذريعي تصديق وارو عمل شروع ڪيو آهي ۽ اهڙي عمل جي مدد سان ڪمپيوٽرائيزيشن ۾ آيل غلطيون ختم ٿي وينديون. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته روينيو ريڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن سندس وڏي سوڀ آهي ۽ اها هن پاران سنڌ جي عوام لاءِ سڀ کان وڏي خدمت هوندي. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد ڪن ۽ ريڪارڊ کي غلطن کان پاڪ ڪيو وڃي. اهو سندس قيادت ۽ عوام سان پڪو پهه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *