گهوٽڪي ڀرسان پراڻي تڪرار تان ٻه ڀائر قتل

گهوٽڪي(م.ڊ) گهوٽڪي ڀرسان پراڻي تڪرار تان وارهه واسي ٻه ڀائر قتل ٿي ويا آهن. رپورٽن مطابق گهوٽڪي جي خان ڳوٺ ۾ پراڻي تڪرار تان زيتون جي فارم تي هٿياربندن حملو ڪندي وارهه واسي ٻن ڀائرن غلام چانڊيو ۽ نازل خان چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي گيمڙو ٿاڻي جي پوليس پهچي مقتولن جا لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪري ڇڏيا.پوليس مطابق واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، مارجي ويلن جو غلام قادر، جمعو ۽ پهلوان چانڊيو جي ڌر سان زمين جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *