گهوٽڪي ڀرسان مبينا ڪارنهن الزام هيٺ عورت ۽ مرد قتل

گهوٽڪي(م.ڊ) گهوٽڪي ڀرسان مبينا ڪارنهن الزام هيٺ عورت ۽ مرد کي قتل ڪيو ويو آهي. ڪچو ٻنڍي ٽو ٿاڻي جي حد ڳوٺ خادم لولائي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدارن عورت زبيده لولائي ۽ نوجوان سرور لولائي کي ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.اطلاع تي ڪچو ٻنڍي ٽو ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. ڊي ايس پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ ٻڌايو ته عورت زبيده لولائي ۽ نوجوان سرور لولائي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *