گهوٽڪي جي چونڊن دوران سرڪاري مشينري استعمال ٿيڻ وارا پي ٽي آءِ جا الزام ڪوڙا آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ پيش آيل حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪرايو، وڏي وزير چڙيا گهر سوڌو ٻين علائقن جا به دورا ڪيا. وڏي وزير چيو آهي ته گهوٽڪي پيپلز پارٽي جو ڳڙهه آهي، چونڊن ۾ اسان جي ڪاميابي ڏسي پي ٽي آءِ وارا ڪوڙا الزام مڙهي رهيا آهن. سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه آچر تي موڪل واري ڏينهن به متحرڪ نظر آيو. وڏي وزير صبح جي وقت چڙيا گهر پهتو، جنهن دوران صوبائي وزير سعيد غني، صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. وڏي وزير چڙيا گهر جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو، جڏهن ته جانورن جون تصويرون به ڪڍيون. دوري دوران چڙي گهر جي اختيارين وڏي وزير کي سهولتن جي حوالي سان آگاهي به ڏني. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورنگي واري علائقي جو دورو به ڪيو، جڏهن هو ڪورنگي اڍائي نمبر پهتو موٽر سائيڪل سان حادثو پيش آيو، جنهن ۾ موٽر سائيڪل سوار، سندس زال ۽ ٻار زخمي ٿي پيا. وڏو وزير گاڏي مان لٿو ۽ حادثي واري هنڌ پهتو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪرائڻ لاءِ هُن پاڻ ٽئڪسي ڪرائي. حادثي واري هنڌ گڏ ٿيل وڏي انگ ۾ ماڻهن وڏي وزير جي خوش اخلاقي ڏسي جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا. سنڌ جي گادي واري شهر جي مختلف علائقن جي دوري دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته گهوٽڪي جي چونڊن دوران سرڪاري مشينري استعمال ٿيڻ وارا پي ٽي آءِ جا الزام ڪوڙا آهن، اهي چوندا هئا ته پ پ کي ڪوبه اميدوار نه ملندو، هاڻ جڏهن پيپلز پارٽي جي ڪاميابي نظر اچي رهي آهي ته اهڙي قسم جا الزام مڙهيا پيا وڃن. مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته گهوٽڪي پُرامن علائقو آهي، اُتان جي مقامي انتظاميا چونڊون ڪرائي سگهي ٿي، گهوٽڪي پيپلز پارٽي جو ڳڙهه آهي ۽ اُن کي مضبوط ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *