گهرو کاتي ڪراچي آپريشن ۽ ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهين جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) گهرو کاتي، ڪراچي آپريشن ۽ ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهين جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا، پي ٽي آءِ  ترجمان شيرين مزاري چيو آهي ته حڪومت افغان طالبان اڳواڻ ملا عمر جي معاملي تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي،  پ پ جي رميش لال جو چوڻ هو ته چترال ۾ لاڙڪاڻي واسي چار ڄڻا ٻڏي ويا آهن، جن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ گهرو کاتي پاران آمريڪا سميت  پاڪستان ۾ رهندڙ مختلف ملڪن جي شهرين جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويا. گهرو کاتي لکت ۾ ايوان کي آگاهي ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ پرڏيهين ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ افغان شهرين جو آهي، هڪ لک 16 هزار 308 افغان شهري پاڪستان ۾ رهيل آهن.گهرو کاتي موجب 79 هزار 447 برطانوي شهري، 52 هزار 46 آمريڪي، 17 هزار 230 ڪينڊا ۽ ڀارت جا 16 هزار 501 شهري پاڪستان ۾ موجود آهن. گهرو کاتي ڪراچي آپريشن جي ڪاميابين کان ايوان کي آگاهي ڏيندي چيو ته شهر ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن کانپوءِ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ 43 سيڪڙو گهٽٽائي آئي آهي. گهرو کاتي موجب، ڪراچي آپريشن دوران قتل جي واقعن ۾ 37 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته دهشتگردي جا واقعا به 6 ڏهائي 7 سيڪڙو گهٽيا آهن. گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي آپريشن دوران 58 هزار 630 ڏوهارين ۽ 630 اشتهارين کي گرفتار ڪيو ويو. ايوان کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي آپريشن دوران 713 مفرور، 118 دهشتگرد ۽ پنج سئو سترنهن ڀتي خورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف جي شيرين مزاري افغان طالبان جي سربراهه مــُـلا عمر جي مارجڻ واري معاملي بابت پارليامينت کي آگاهه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته حڪومت ايوان کي آگاهه ڪري ته ملا عمر جو واقعو ڪڏهن ۽ ڪيئن پيش آيو، قوم گمراهه ڪرڻ بدران حقيقت سامهون آندي وڃي. هن چيو ته پرڏيهي وزير ملڪ ۾ موجود ئي ناهي، افغان طالبان اڳواڻ ملا عمر جي معاملي تي حڪومت قومي اسيمبلي کي اعتماد ۾ ناهي ورتو، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. پيپلز پارٽي جي رميش لال چيو ته چترال ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، حادثي ۾ لاڙڪاڻي واسي چار ڄڻا ٻڏي ويا آهن، جن مان رڳو ٽن جا لاش ملي سگهيا آهن. رميش لال وڌيڪ چيو ته مقامي حڪومت ٻڏي ويل ڊرائيور جي ڳولا ۾ مدد نه پئي ڪري جيڪا وڏي ناانصافي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *