گهرو وزير چوڌري نثار سان برطانيه جي بچاءَ واري وزير مائيڪل فيلن جي ملاقات

اسلام آباد(اي پي پي) گهرو وزير چوڌري نثار علي خان سان برطانيه جي بچاءَ واري وزير مائيڪل فيلن اربعا ڏينهن پنجاب هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ پاڪ برطانيه لاڳاپن، توسيع ڪيل اسٽيرٽجڪ ڊائلاگ سميت ٻه طرفي سهڪار، دهشتگرديءَ خلاف جنگ، سيڪيورٽي واري شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جهڙن اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هنن افغانستان ۾ مفاهمتي عمل ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. گهرو وزير برطانيه ۾ ڪنزرويٽو پارٽي جي ڪاميابي ۽ مائيڪل فيلن جي ٻيهر چونڊ تي کيس مبارڪون ڏيندي چيو ته اليڪشن ۾ واضح برتري برطانوي عوام جو پنهنجي پارٽيءَ تي اعتماد جو اظهار آهي. گهرو وزير اُميد ڏيکاري ته نئين حڪومت جي دؤر ۾ پاڪ- برطانيه لاڳاپن ۾ وڌيڪ مضبوطي ايندي. هن توسيع ٿيل اسٽريٽجڪ ڊائلاگ تحت جاري گڏيل سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترن ئي اهم معاملن خاص طور تي خطي ۾ امن جي باري ۾ اسان هڪجهڙي سوچ رکون ٿا. هن چيو ته خطي ۾ امن جي حوالي سان توسيع ٿيل اسٽريٽجڪ ڊائلاگ مڪينزم ٻنهي حڪومتن ۽ انهن جي ادارن کي هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ انتهائي مددگار ثابت ٿي رهيو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ طئي ٿيل سيڪيورٽي روڊ ميپ کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگرديءَجي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ وڌيڪ رابطا، دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي صلاحيت ۾ نمايان اضافو ٿيندو. برطانوي بچاءَ واري وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهترين لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو ته سندس حڪومت پاڪستان سان گهڻ رُخي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿي. هن پاڪستان جي سماجي، اقتصادي ترقي ۽ خطي ۾ جٽادار امن لاءِ پنهنجي حڪومت جي تعاون جو يقين به ڏياريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *