گهرو وزير سان آمريڪي سفير رچرڊ اولسن جي ملاقات

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان سان آمريڪي سفير رچرڊ اولسن ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ خطي جي سيڪيورٽيصورتحال ۽ پاڪ آمريڪا ٻه طرفا ناتن تي ويچاريو ويو. ملاقات دوران ڳالهائيندي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا گڏجي خطي ۾ امن جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پاڪستان پوري خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ ان لاءِ هر طرح جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي آمريڪي سفير چيو ته آمريڪا هر سطح تي پاڪستان جي مدد ۽ حمايت جاري رکندو. ملاقات ۾ افغانستان مان آمريڪي ۽ نيٽو فورسز جي نيڪال تي به ڳالهايو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *