گهرو وزير جي ايف آءِ اي کي سرفراز مرچنٽ جا خدشا ۽ شڪايتون ختم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد(اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) کي سرفراز مرچنٽ جي خدشن ۽ شڪايتن کي دُور ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزارت جي ترجمان مطابق سومر ڏينهن چوڌري نثار علي خان ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کي اها هدايت ڏني آهي ته هو ذاتي طور تي سرفراز مرچنٽ سان رابطو ڪري. سرفراز مرچنٽ جي حيثيت هڪ گواهه جي آهي، سندس عزت ۽ احترام رکيو وڃي. گهرو وزير ايف آءِ اي کي اها به هدايت ڪئي ته سرفراز مرچنٽ جي خدشن ۽ شڪايتن کي فوري طور ختم ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *