گهارو ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ، اي ايس آءِ ۽ جمعدار شھيد، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سوڌو 3 اهلڪار زخمي

گهارو(م.ڊ) گهارو ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ ۽ جمعدار شھيد ٿي ويا، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سوڌو 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، ٻاٻڙا جي علائقي ۾ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ويل پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪئي وئي، نتيجي ۾ اي ايس آءِ سخي محمدبخش بلوچ ۽ جمعدارعلي نوازچنڙ شھيد ٿي ويا، جڏهن ته ڊي ايس پي غلام رسول سيال، ايس ايڇ اوممتازبروهي ۽ هڪ سپاهي زخمي ٿي پيا، جن کي رورل هيلٿ سينٽرگهارو پهچايوويو، جتان کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي روانوڪيو ويو آهي. گهاري ٿاڻي جي ايس ايڇ او ممتازبروهي ميڊياکي ٻڌايو ته فريادي غلام سرور بروهي جي زمين تي ويٺل ڏوهارين خلاف داخل ڪرايل ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوبدار سلطان پليجو، ڊاڪٽر نعيم پليجو، سڪندرشاهه ۽ صدرو لغاري سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ جيئن ئي زمين تي پهتاسين ته اتي مورچن ۾ موجود 20 کان وڌيڪ هٿياربندن پوليس تي فائرنگ ڪئي. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ سخي محمدبخش چنڙ موقعي تي شهيد ٿي ويو جڏهن ته جمعدار علي نواز چنڙ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي موڪليو پئي ويو ته رستي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.هن چيو آهي ته زخمي ٿيل ڊي ايس پي غلام رسول سيال کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪراچي روانو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جي وڏي نري علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *