”گهائل ونس اگين” ۾ سني ديول سان ڪم ڪرڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي : سوها علي خان

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره سوها علي خان چيو آهي ته فلم ”گهائل ونس اگين” ۾ سني ديول سان ڪم ڪرڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. پنهنجي تازي انٽرويو ۾ سوها علي خان چيو ته فلم گهائل ونس اگين” ۾ سني ديول سان ڪم ڪرڻ هن لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، ساڻس فلم جي شوٽنگ دوران گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعومليو. هن چيو ته سني ديول سٺو اداڪار هئڻ سان گڏوگڏ سٺو انسان پڻ آهي. اها فلم 1990ع ۾ ٺهيل گهائل جو سيڪوئل آهي. فلم 15 جنوري تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *