گلگت ۾ ڪڻڪ تان سبسڊي ختم ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي: آصف زرداري

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران ڪڻڪ تي گلگت بلتستان لاءِ سبسڊي واپس وٺڻ وريون خبرون ڳڻتي جوڳيون آهن، ان ڪري وفاقي سڌ سماءَ واري وزير پرويز رشيد اهڙين سمورين خبرن جي ترديد رد ڪري ڇڏي آهي.آصف علي زرداري گلگت بلتستان لاءِ ڪڻڪ جي سبسڊي ختم ڪرڻ واري فيصلي کي تضاد تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت جو اهو قدم غيرب ماڻهو جي پريشانين ۾ واڌاري جو ڪارڻ بڻجندو.آصف علي زرداري وفاقي حڪومت کي ان قدم کي ترت واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي پاسي وفاقي سڌ سماءَ واري وزير پاران جاري ٿيندڙ بيان ۾ اهڙين سمورين خبرن جي ترديد ڪئي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙيون سموريون افواهون چونڊن ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ ڦهلايون پيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *