گلگت کان ڪراچي تائين پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ طاقت جو نالو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏني ويندي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارا چنار دهشتگردي سان وڌيڪ متاثر ٿيو، دهشتگردن پارا چنار کي رتورت ڪري ڇڏيو، هن چيو ته شدت پسندي کي هٿي ڏيڻ واري سوچ ختم ڪنداسين، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏني ويندي، پيلز پارٽي ڪارڪن عوام جي قوت سان چونڊون کٽڻ جون تياريون ڪن، پيپلز پارٽي جو منشور ئي عوام جي بنيادي مسئلن جو حل آهي، بلاول ڀٽو چيو ته گلگت کان ڪراچي تائين پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ طاقت جو نالو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *