گلگت جي عدالت الطاف حسين کي مجموعي طور 81 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ کي آگاهي ڏني آهي ته صفورا سانحي ۾ ملوث جوابدار پهرين القاعده ۽ هاڻي داعش لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا، جهلم جي هڪ شهري داعش جي نظرئي کي سنڌ ۾ هٿي وٺرائي، رينجرز مخالف اشتهارن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد ۾ سينيٽر رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي پاران صوبي ۾ امن امان بابت بريفنگ ڏني وئي.  آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي چيو ته جنوري 2015 کان هن وقت تائين 6 سئو 44 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، القاعده ۽ تحريڪ طالبان جي هڪ سئو 67 شرپسندن کي به سوگهو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته لياري کي ڏوهارين جي جنت چيو ويندو هو، ان علائقي کي ڏوهارين کان پاڪ ڪرائڻ پوليس لاءِ چيلينج هو پر پوليس ۽ رينجرز جي ڪاررواين بعد لياري ۾ هاڻي امن ٿي ويو آهي. آءِ جي سنڌ چيو ته لياري گينگ وار جي هڪ سئو 86 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، مختلف ڏوهارين خلاف چالان پڻ پيش ڪيا ويا آهن. غلام حيدر جمالي چيو ته ايس ايس پي چوڌري اسلم تي القاعده ۽ تحريڪ طالبان حملو ڪرايو، پوليس سان گڏ آرمي ۽ رينجرز کي به نشانو بڻايو پيو وڃي پر هاڻي ڪراچي سميت سڄي سنڌ جون حالتون پهريان کان گهڻيون بهتر آهن. آءِ جي سنڌ چيو ته صفورا سانحي، سبين محمود قتل ڪيس ۽ ڪراچي ايئرپورٽ حملي سميت سمورن هاءِ پروفائيل حملن ۾ ملوث جوابدارن کي پڪڙيو ويو آهي. هـُن ٻڌايو ته صفورا سانحي ۾ ملوث گروهه 37 ماڻهن تي مشتمل آهي، گروهه پهريان القاعده ۽ هاڻي داعش لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ داعش جي نظرئي کي هٿي وٺرائيندڙ شخص جو تعلق جهلم سان آهي ۽ ان جو نالو طاهر منهاس آهي. ان موقعي تي ڪميٽي چيئرمين سوال ڪيو ته رينجرز مخالف اشتهار ڪنهن ڇپرايا، انهن خلاف ڪارروائي ٿي.؟ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي چيو ته ان معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ملوثن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته داعش کي پرڏيهي فنڊنگ ٿيندي آهي. رحمان ملڪ چيو ته داعش خلاف به قومي ايڪشن پلان جوڙڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *