گلگت بلتستان ۾ 0 4 هزار ميگاواٽ پن بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي: صدر

گلگت (م.ڊ) صدر مملڪت ممنون حسين چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ 0 4 هزار ميگاواٽ پن بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، اسان کي آءِجي نعمت مان فائدو وٺڻ گهرجي، وفاقي حڪومت سان ڳالهائي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، گلگت بلتستان جو عوام ڪنهن محرومي جو شڪار نه ٿئي، مسئلا جلد حل ٿي ويندا، گلگت ۾ پي آءِ اي جون فلائٽس وڌائڻ بابت حڪام سان ڳالهائي ۽ فزيبلٽي جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو ويندو. هو گلگت بلتستان گورنر سيد پير ڪرم علي شاهه ۽ وڏي وزير گلگت بلتستان مهدي شاهه سان گلگت ۾ الڳ الڳ ملاقاتن دوران ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ممنون حسين وڌيڪ چيو ته هن خطي جي فروٽ، معدنيات سميت ٻين وسيلن مان فائدو وٺڻ لاءِ حڪمت عملي بڻائڻ جي ضرورت آهي، حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ گلگت بلتستان جي حڪومت کي هر طرح جي ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪئي ويندي. صدر مملڪت چيو ته گلگت بلتستان جو عوام ڪنهن محرومي جو شڪار نه ٿئي، هتان جا ماڻهو پاڪستان جو حصو آهن ۽ اوترائي پاڪستاني آهن جيترا باقي علائقن جا آهن. هن خاطري ڏياري ته گلگت بلتستان جي عوام جا مسئلا جلد حل ٿي ويندا. گلگت بلتستان گورنر ۽ وڏي وزير صدر مملڪت سان پي آءِ اي جي فلائٽس وڌائڻ جو مطالبو ڪيو، صدر مملڪت تجويز سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته لاڳاپيل حڪام سان ڳالهائي ۽ فزيبلٽي جو جائزو وٺي ان معاملي تي فيصلو ڪيو ويندو. بعد ۾ صدر مملڪت شهيدن جي يادگار تي به ويو ۽ وطن عزيز لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *