گلگت بلتستان ۾ نيب جي ماتحت آفيس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري اپاءُ ڪيا وڃن: چيئرمين نيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي احتساب بيورو جي چيئرمين قمر زمان چوڌري جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ هڪ اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ نيب جي ماتحت آفيس جا معاملا بهتر بنائڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ تي غور ڪيو ويو اجلاس ۾ ڊي جي نيب راولپنڊي اسلام باد جن جي ماتحت گلگت بلتستان جو ماتحت آفيس ڪم ڪري رهيو آهي چيئرمين نيب کي ان حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني هن ٻڌايو ته نيب جو گلگت بلتستان ماتحت دفتر 2005 ۾ قائم ڪيو ويو اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان ۾اينٽي ڪرپشن جو ڪوئي صوبائي يا علائقائي سيٽ اپ موجود نه آهي هن ٻڌايو ته چيئرمين نيب جي هدايت تي گلگت بلستان ۾ نيب جي ماتحت دفتر ۾ تازو ئي 3 آفيسرز معاون اسٽاف ۽ لوجسٽڪ سهولتون ڏنيون ويون آهن وڌيڪ ته سڀ آفيس گلگت بلستان ۾ پوليس اسٽيشن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي چيئرمين نيب قمرزمان چوڌري چيو ته نيب ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ جو عزم ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته گلگت بلتسان ۾ نيب جي ماتحت آفيس خاص اهميت واري اهي چيئرمين ڊي جي نيب راولپنڊي کي هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ نيب جي ماتحت دفتر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري اپاءُ ورتا وڃن ته جيئن گلگت بلتستان جي عوام جي ڪرپشن جي حوالي سان شڪايتون سندن درن تي ختم ڪري سگهجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *