گلوڪاره ناهيد اختر کي خدمتن جي اعتراف ۾ هڪ ڪروڙ رپين جو چيڪ

لاهور ( شوبز نيوز ) پنجاب حڪومت ناليواري گلوڪاره ناهيد اختر کي موسيقيءَ جي شعبي ۾ وڏين خدمتن جي اعتراف ۾ هڪ ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو آهي. لاهور ۾ منعقد ٿيل تقريب دوران پنجاب حڪومت جي ترجمان ملڪ احمد خان وڏي وزير جي نماندگي ڪندي گلوڪاره ناهيد خان کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ هڪ ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو. ملڪ احمد خان چيو ته ناهيد خان موسيقيءَ ۾ نئون انداز متعارف ڪرائيندي صحيحي معنيٰ ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو. هن چيو ته بي شڪ پاڪستان ۾ موسيقيءَ جي شبي ۾ گليمر ناهيد خان سبب آيو سندس گانا اڄ به مقبول آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *