گلوبل ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ عمر اڪمل کي فڪسنگ جي آڇ جو انڪشاف

 

ٽورنٽو(اسپورٽس نيوز) گلوبل ٽي ٽوئنٽي ڪينيڊا ليگ ۾ پاڪستاني رانديگر عمر اڪمل کي فڪسنگ جي آڇ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.ڪينيڊا ۾ کيڏي ويندڙ گلوبل ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ پاڪستاني رانديگر عمر اڪمل کي فڪسنگ جي آڇ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته عمر اڪمل آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن يونٽ کي آڇ کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب گلوبل ليگ سان لاڳاپيل هڪ اڳوڻي پاڪستاني ٽيسٽ ڪرڪيٽر عمر اڪمل کي آڇ ڪئي هئي جڏهن ته آءِ سي سي پيليئرز کي اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو هو ته هڪ ڀارتي بڪي پڻ ليگ ۾ سرگرم آهي، پاڪستاني ڪرڪيٽر گلوبل ٽي ٽوئنٽي ۾ آڇ کان انتظامين کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.ٻئي طرف پي سي بي ترجمان جو چوڻ آهي ته گلوبل ٽي ٽوئنٽي ليگ کان پي سي بي جو سڌو سنئون ڪوبه تعلق ناهي، ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي جي منظوري کانپوءِ ڪرڪيٽرن کي اين او سي ڏئي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *