گلشن معمار ۾ تيز رفتار ڊمپر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 3 نوجوان اجل جو شڪار

ڪراچي(اي پي پي) گڊاپ ٿاڻي جي حد ۾ گلشن معمار ۾ تيز رفتار موٽر سائيڪل سان ٽڪر سبب 3 نوجوان اجل جو شڪار. فلاحي تنظيم ڇيپا مطابق گلشن معمار جي علائقي ۾ شنگريلا فيڪٽري ويجهو تيز رفتار ڊمپر نمبر TKD-409 ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر سبب موٽر سائيڪل تي سوار 25 سالن جو جهانگير، 25 سالن جو ڪاشف ۽ 27 سالن جو فهيم موقعي تي اجل جو شڪار ٿي ويا. جن کي ڇيپا ايمولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *