گرين لائن منصوبي تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪيو وڃي : وڏو وزير جي هدايت

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ گرين لائن جي اهم شاهراهه تي روٽ جي اڏاوت بابت معاملن تي ڳالهائيندي گرين لائن کي جلد کان جلد آپريشنل بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي. اڄ ٿيندڙ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ گرومندر کان اڳتي روٽ جي اڏاوت جي ۾ پيش ايندڙ رنڊڪن جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي وڏي وزير کي يوٽيلٽي مسئلن بابت به بريفنگ ڏني وئي . بريفنگ ۾ چيو ويو ته ايم اي جناح روڊ جي هيٺان پاڻي پراڻي پائيپ لائن آهي جيڪا متاثر ٿي سگهي ٿي، جنهن تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته پاڻي جي اها پراڻي لائن بهترين حالت ۾ آهي ۽ انجنئرنگ ٽيڪنيڪ ذريعي ان کي ڊگهي عرصي لاءِ محفوظ ڪري سگهجي ٿو. وڏي وزير اهو پڻ چيو ته ڪيپري سئنما کان ميونسپل پارڪ تائين ڪراس روڊ تي سگنل جو بندوبست ڪيو وڃي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گرين لائن کي جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي، پهريان ئي اها رٿا رولڙي جو شڪار ٿي چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *