گرين شرٽس سيمي فائنل ۾ ضرور پهچندو : ظهير عباس

 

لنڊن(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي جي اڳوڻي صدر ظهير عباس چيو آهي ته پاڪستان جي ڪارڪردگي شاندار ٿي وئي آهي، گرين شرٽس سيمي فائنل ۾ ضرور پهچندو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ظهير عباس چيو ته ائين لڳي رهيو آهي ته سيمي فائنل ۾ پاڪستان وري ڀارت سان ٽڪرائيندو، پاڪستان افغانستان خلاف بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري. هن چيو ته بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم مضبوط ضرور آهي پر پاڪستان کي بالنگ اٽيڪ ذريعي کين وڏي هدف کان روڪڻو پوندو، جيڪڏهن گرين شرٽس ائين ڪيو ته پاڪستان ڪامياب ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *