گرين شرٽس اڄ ڪيويز خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ ميدان تي لهندا

آڪلينڊ (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ خلاف سيريز جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 15 جنوري جمعي ڏينهن آڪلينڊ ۾ کيڏندي.جنهن لاءِ شاهينن بهترين انداز سان ۽ سخت محنت سان 10 ڪلاڪ لاڳيتو پريڪٽس به ڪئي.رپورٽ مطابق قومي ٽيم 2016ع جي پهرين دوري جي شروعات آڪلينڊ کان ڪري رهي آهي،جنهن ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز ۽ پنج ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز شامل آهي،پاڪستاني شاهين نيوزيلينڊ خلاف سيريز کٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا،جڏهن ته ڪيوي ٽيم به سريلنڪا کي ٽنهي سيريزن ۾ مات ڏئي پنهنجو مورال وڌايو آهي.ٻئي پاسي 5 سالن کانپوءِ قومي ٽيم جي اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ وارو فاسٽ بالر محمد عامر به پنهنجي راند مان مطمئن آهي ۽ ڪپتان شاهد آفريدي کي به سندس اميدون آهن، ان لاءِ قومي ٽيم کي نيوزيلينڊ خلاف وڌيڪ مضبوط سمجهيو پيو وڇي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *