گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس پاران عمرڪوٽ ۾ منعقد ڪيل جلسو هڪ روحاني اجتماع هو: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد (اي پي پي) اطلاعات بابت صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو  چيو آهي ته  (اڄ) 4 اپريل تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو  جا لکين چاهيندڙ  پنهنجي  قائد کي خراج  عقيدت پيش  ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا  ۽ پنهنجي نوجوان  اڳواڻ  بلاول ڀٽو زرداري جو  خطاب ٻڌندا. گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ  الائنس  پاران عمر ڪوٽ ۾  منعقد ڪيل جلسو پير پاڳاري جو  روحاني اجتماع هو ۽  ان ۾ ڪو شڪ  نه آهي ته  عوام پير سائين پاڳاري سان  عقيدت رکي ٿو  ۽ ان جلسي ۾ پڻ ماڻهو  سندس ئي عقيدت ۾ آيا هئا ۽ اهو ڪو سياسي جلسو  نه  هو  جڏهن  ته  اقتدار جي  عاشقن  ان روحاني  جلسي  مان  فائدو  حاصل ڪرڻ جي ناڪام  ڪوشش ڪئي. اهڙو اظهار هن آچر ڏينهن قاسم آباد حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. صوبائي صلاحڪار چيو  ته پ پ پ  مخالف  الائنس  ۾ شامل  ماڻهن کي آمريت جي شمع جا پروانا ڪوٺيندي چيو ته اهي ڪهڙا سياسي ۽ جمهوري ماڻهو ٿي سگهن ٿا  جيڪي سنڌ ۾  گورنر راڄ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ اهي  اقتدار لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. هڪ سوال تي هن چيو  ته ذوالفقار مرزا گاريون گهڻيون  ۽ سياسي ڳالهيون گهٽ ڪندو آهي اهو ڪم هي گذريل 2 سالن  کان  ڪري رهيو آهي.  هن  چيو ته ڪجهه ماڻهو آصف علي زردار تي  تنقيد ڪري  پنهنجي  اندر جي باهه کي ٿڌو ڪن ٿا. هن چيو ته  اهڙن ماڻهن کي اهو ياد رکڻ گهرجي  ته آصف علي زرداري ئي  پارليامينٽ کي اختيار واپس ڪيا ۽ پرامن  طريقي سان حڪومت  جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ  اقتدار منتقل ڪيو. هن  چيو ته ملڪ جون گهڻي ڀاڱي وڏيون  سياسي جماعتون ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل چاهين ٿيون  پر  اقتدار جي عاشقن جي خواهش آهي ته اهڙو ماحول پيدا ٿئي  جنهن ۾ جمهوريت  پٽڙي تان لهي وڃي  ۽ کين اقتدار ۾ حصو ملي وڃِي هڪ سوال تي هن چيو ته  وفاقي حڪومت  اعليٰ عدليه جو نالو  استعمال ڪندي مشرف جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جو جواز بڻايو  جنهن جو  عدالت پاران  انڪار ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت پاران  مشرف جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرائڻ لاءِ چيو ويو هو . هڪ سوال تي هن چيو ته اسين آپريشن جا حامي آهيون  ۽ سنڌ ۾  ان جا بهترين نتيجا ملي رهيا آهن هن چيو ته  پنجاب جي وڏي وزير سميت  ٻيا صوبائي وزير پنجاب ۾ دهشتگردن جي محفوظ  پناهگاهن جو انڪار ڪندا رهيا  پر  اڄ عوام تي اهو پڻ واضع  ٿي ويو  ۽ پنجاب ۾ به آپريشن  شروع ٿي ويو هڪ سوال تي هن چيو ته ڀارت پاڪستان جو ڪڏهن به دوست نه ٿو ٿي سگهي  ڇاڪاڻ  ماضي ۾   اسان جي حڪومتن پڻ  ڀارت سان دوستي لاءِ  ڪوشش ڪئي  پر  ڀارت  پاران پاڪستان کي  نقصان پهچائڻ جو  ڪوبه موقعو ضايع  نه ڪيو ويو. مردمشماري جي حوالي سان هن چيو ته  ان حوالي سان سنڌ جو وڏو وزير اڳواٽ ئي چئي چڪو آهي ته مردمشماري اسان لاءِ  زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي  ڪرڪيٽ بابت پڇيل هڪ سوال تي  صوبائي صلاحڪار چيو ته جنهن اداري ۾ به سياسي عمل دخل هوندو  اتي بي چيني واري صورتحال هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *