گرينڊ ڊائيلاگ جو حصو نه بڻجنداسين، نواز شريف سان رابطو ئي نٿو رکڻ چاهيان ته ڊائيلاگ ڪهڙو؟: زرداري

لاهور (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته نواز شريف سان نه رابطو آهي ۽ نه ئي رکڻ چاهيان، گرينڊ نيشنل ڊائلاگ جو حصو نه بڻجنداسين، هن وقت جمهوريت کي نه پر نواز شريف جي سياست کي خطرو آهي، اقتدار ۾ رهي 62 ۽ 63 گرينڊ نيشنل ڊائلاگ ۽ نئون عمراني معاهدو ڇو نه ياد هو. ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ بلاول هائوس لاهور ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ پارٽي جي سينيئر قيادت شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪندي پنجاب ۾ پارٽي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو، ان موقعي تي آصف زرداري چيو ته بلاول ڀٽو ميدان ۾ لهي چڪو آهي جنهن سان پارٽي جي مقبوليت ۾ واڌ ٿيندي ۽ پ پ جو چنيوٽ جو ڪامياب جلسو سياسي مخالفن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي، هن چيو ته نواز شريف سان ڪو به رابطو نه آهي ۽ نه ئي ان سان رابطو رکڻ چاهيون ٿا. اڄ جڏهن هو مشڪل جو شڪار آهي ان کي سڀ ڳالهيون ياد اچي رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *