گرمي وگهي ماڻهن کي ڪفن نه ڏئي سگهندڙ پاڻي ڪيئن پهچائيندا؟ سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ هائيڊرينٽس ۽ واٽر ٽينڪرن بابت اڄ تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت جو چوڻ آهي ته گرمي وگهي ماڻهن کي ڪفن نه ڏئي سگهندڙ پاڻي ڪيئن پهچائيندا؟ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس امير هاني مسلم، جسٽس مقبول باقر ۽ جسٽس مشير عالم تي ٻڌل بينچ غير قانوني هائيڊرينٽس خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران واٽر بورڊ جي ايم ڊي هاشم رضا زيدي جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جنهن بعد واٽر بورڊ جي ڊپٽي مئنجنگ ڊائريڪٽر کي اڌ ڪلاڪ اندر گهرايو ويو. واٽر بورڊ جي آفيسرن عدالت کي ٻڌايو ته ايم ڊي هاشم رضا زيدي اسلام آباد ويل آهي تنهنڪري پيش نه ٿي سگهيو. عدالت واٽر بورڊ جي آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي قانون يا اسڪيم تحت هائيڊرينٽس ۽ واٽر ٽينڪر هلايا پيا وڃن جنهن تي انتظاميا وضاحت ڪئي ته جن علائقن ۾ پاڻي کوٽ آهي تي ٽينڪرن ذريعي پاڻي پهچايو ويندو آهي. عدالت ريمارڪس ۾ واٽر بورڊ جي عملدارن سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڪراچي ۾ گرمي وگهي فوت ٿي ويل ماڻهن کي ڪفن نه ٿا ملن عوام کي پاڻي ڪئين ملندو؟ سپريم ڪورٽ واٽر بورڊ جي ايم ڊي کي سڀاڻي طلب ڪندي هائيڊرنٽس ۽ واٽر ٽينڪرن بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ بعد ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *