گذريل سينيٽ چونڊن جي نتيجن کانپوءِ ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي؟ چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيف اليڪشن ڪمشنر کان سوال ڪيو ته گذريل سينيٽ چونڊن ۾ پارٽي جي صوبائي رڪنيت جي شرح کان مختلف نتيجا آيا، ٻڌايو گذريل چونڊن کان هيل تائين ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟ سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، جتي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا پيش ٿيو. چيف جسٽس چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر صاحب، توهان اڃا تائين مطمئن ڪندڙ جواب ناهيو ڏئي سگهيا، پنهنجو قانون پڙهي توهان سڀ ٻڌائي رهيا آهيو، ڳالهه جي گهرائي سمجهو، سڀني کي خبر آ اسان جون سينيٽ چونڊون ڪيئن ٿينديون رهيون آهن. اليڪشن ڪميشن جي جواب ۾ ٻڌايو ويو ته اوپن بيلٽ بابت چونڊون ڪرائڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 226 ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، ڳجهي راءِ شماري ۾ ووٽ سڃاڻپ لائق ناهي هوندو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته هر اميدوار کان ووٽن جي خريد ۽ وڪرو نه ڪرڻ جو حلفي بيان ورتو ويندو، ووٽن کي ڳجهو رکڻ جو مطلب مڪمل ڳجهو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن پڇيو ته اليڪشن ڪميشن برابر نمائندگي کي ڪيئن يقيني بڻائيندي، جنهن تي وڪيل چيو ته تقريبن 20 آزاد اسيمبلي ميمبر به آهن. چيف جسٽس چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر اڃا تائين مطمئن ڪندڙ جواب ناهي ڏئي سگهيو، ڳالهه جي گهرائي سمجهو، سڄي ملڪ جي قسمت توهان جي هٿن ۾ آهي، اليڪشن ڪميشن جي ڪري حڪومت ٺهندي آهي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل انڪشاف ڪيو ته سينيٽ چونڊن ۾ هن ڀيري ادائيگين جو طريقي ڪار تبديل ٿي چڪو آهي، هنڊي ذريعي دبئي ۾ به ادائيگيون ٿي رهيون آهن ۽ ان جو ريٽ به وڌيڪ آهي. اٽارني جنرل چيو ته اسٽيٽ بئنڪ کي قدمن جو چيو ويو آهي، اسٽيٽ بئنڪ مان پئسو ٽرانسفر نه ٿيندو، اسلام آباد ۾ ڪجهه ماڻهو نوٽن سان ڀريل ٿيلها کڻي ويٺا آهن.جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڪا جماعت شرح کان هٽي سيٽون کٽي ته نظام تباهه ٿي ويندو. چيف جسٽس چيف اليڪشن ڪمشنر کي مخاطب ٿيندي چيو ته گذريل سينيٽ چونڊن ۾ پارٽي شرح کان مختلف نتيجا آيا، ان تي هيل تائين ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ووٽنگ جو طريقي ڪار تبديل ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان اڃا تائين پهرين ڏينهن واري ڳالهه ڪري رهيا آهيو. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته جيڪڏهن پارٽي نمائندگي جي شرح سان فيصلو ٿيڻو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ضرورت ئي ناهي، جيڪڏهن ائين ٿئي ته پارٽي فيصلو ڪري ڇڏي ۽ باقي آزاد اميدوارن جون چونڊون ڪرائي. اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل خيبر پختونخواهه جا دليل مڪمل ٿيا ته عدالت ٽنهي صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز سميت ٻين ڌرين کان دليل طلب ڪندي ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ اٽارني جنرل اف پاڪستان ٻڌايو ته سينيٽ چونڊن ۾ لين دين بابت اسٽيٽ بئنڪ کي قدمن لاءِ چيو آهي اسٽيٽ بئنڪ مان پئسو ٽرانسفر نه ٿيندو سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ اليڪشن اوپن بيلت سان ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي ان موقعي تي اٽارني جنرل خالد جاويد خان عدالت ۾ انڪشاف ڪيو ته اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته اسلام آباد ۾ ڪجهه ماڻهو نوٽن سان ڀريل بيگ کڻي ويٺا آهن هن دفعي ادائيگين جو طريقيڪار تبديل ٿي چڪو آهي. هاڻي هنڊي جي ذريعي دبئي ۾ به ادائيگيون ٿي رهيون آهن. دبئي جي ادائيگين جو ريٽ وڌيڪ آهي صدارتي ريفرنس تي اٽارني جنرل جا دليل مڪمل ٿي ويا جنهن کان پوءِ وڌيڪ ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪئي ويئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *