گاج ڊيم تي وفاق جا 6 ارب گم، سپريم ڪورٽ جي سنڌ حڪومت تي بي اعتمادي ظاهر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ زير زمين پاڻي جي استعمال تي ٽيڪس اوڳاڙي ڪرڻ واري ڪيس ۾سنڌ حڪومت جي رويي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي دروان جسٽس اعجاز االحسن ريمارڪس ڏيندي انڪشاف ڪيو ته سنڌ ۾ نئين گاج ڊيم جي تعمير لاءِ جاري ڪيل 6 ارب رپيا غائب ٿي ويا آهن، نئين گاج ڊيم جي تعمير لاءِ ڪو به ڪم شروع ناهي ڪيو ويو. ڪالهه جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ نئين گاج ڊيم جي تعمير لاءِ 6 ارب رپيا جاري ڪيا هئا، اهي غائب ٿي چڪا آهن، ڊيم جي تعمير لاءِ هڪ سر به استعمال ناهي ڪئي وئي، نئين گاج ڊيم منصوبي بابت سنڌ حڪومت عدالتي فيصلي تي عملدرآمد جي رپورٽ به جمع ناهي ڪرائي، هر ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جا نمائندا عدالت کان معافيون طلب ڪندا آهن، جيستائين سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي طلب نه ٿا ڪيون تيستائين سنڌ ۾ ڪو ڪم نه ٿو ٿئي، جسٽس فيصل عرب ريمارڪس ڏيندي چيو ته افسوس آهي جو سنڌ حڪومت نئين گاج ڊيم جي تعمير شروع ناهي، سنڌ حڪومت شايد سمجهي ٿي ته سمنڊ گڏ هجڻ ڪري سنڌ صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا نه ٿيندي، سنڌ حڪومت کي پاڻي جي کوٽ جو ڪو به فڪر ناهي، جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت سولين حڪومت جو ڀرپور سهڪار ڪرڻ چاهي ٿي، سولين حڪومت عدالتي فيصلن تي عملدرآمد ڪرائيندي آهي، سولين حڪومتون ڪم نه ڪنديون ته مسئلا وڌندا ويندا، اسان کي ٻڌايو وڃي ته سنڌ حڪومت جي ڪهڙي اعليٰ اختيارين کي طلب ڪيون؟ جيڪي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عدالتي پيغام لاڳاپيل اختيارين تائين پهچائن، جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي طلب ڪيون ته شايد مسئلا حل ٿي وڃن، عدالت ۾ بلوچستان حڪومت جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته گذريل 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو وڏي پيماني تي برفباري ۽ بارشون ٿيون آهن، جنهن ڪري صوبي جا سمورا ڊيم ڀرجي ويا آهن، الله تعاليٰ بلوچستان مٿان خاص مهرباني ڪئي آهي، پنجاب حڪومت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته زير زمين پاڻي استعمال ڪندڙ ڪمپنين کان هن وقت تائين 83 ڪروڙ 20 لک رپيا ٽيڪس وصول ڪئي آهي، اهڙي طرح اسلام آباد جي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ زير زمين پاڻي استعمال ڪندڙ ڪمپنين کان 14 ملين رپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو آهي، عدالت پاران سنڌ حڪومت جي وڪيل کان عدالتي حڪم تي عملدرآمد بابت سوال ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت جو وڪيل جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيوته عدالت سنڌ حڪومت جي رويي مان خوش ناهيون، اسان چاهيون ٿا ته جمهوري حڪومتون عدالت سان تعاون ڪن، عدالت ٻڌڻي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي ذاتي طور تي طلب ڪري ورتو. جڏهن ته پاڪستان ڪائونسل آف واٽر ريسرسچ کي عدالت معاونت لاءِ نوٽيس جاري ڪندي وفاق سميت چئني صوبن کي زير زمين پاڻي استعمال تي ٽيڪس لڳائڻ وارو مامرو گڏجي ويهي حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *