ڪڻڪ 2 هزار ۽ ڪمند 202 روپيا في مڻ مقرر، سنڌ ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جي امدادي قيمت 2 هزار رپيا مڻ مقرر ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت 202 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪڻڪ جي خريداري جي قيمت مقرر ڪرڻ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ڏيندي صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ نظر اچي رهي آهي، جيڪا وفاقي حڪومت جي نااهلي آهي، درآمد ڪيل ڪڻڪ 2 هزار کان 21 سئو رپيا مڻ ملي ٿي، جڏهن ته اسان جا پراڻا اگهه 14 سئو رپيا هئا، اسان پنهنجن کي نه پر ڌارين کي فائدو ڏيندا آهيون. هن چيو ته پ پ حڪومت اڳ به هارين کي سٺا اگهه ڏنا، 2008 کان 2019 تائين ڪڻڪ جي ڪا کوٽ نه هئي، پاڪستان جي معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي، آبادگارن کي سولتون ڏيڻ بنا نٿا رهي سگهون، سنڌ ڪابينا في مڻ ڪڻڪ جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 2 هزار رپيا رکي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪمند جي گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري قيمت 202 رپيا في مڻ مقرر ڪئي وئي آهي، اها اڳ ۾ 192 رپيا هئي، چاهيون ٿا ته آبادگار خوشحال ٿين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *