ڪڻڪ گهٽ هجڻ سبب سموري ملڪ ۾ اٽي جي بحران جو امڪان

لاهور (اين اين آءِ) سرڪاري ڪڻڪ ڪوٽا بند ٿيڻ، اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگي ڪڻڪ ۽ گهٽ هجڻ جي ڪري اٽي جو شديد بحران پيدا ٿي سگهي ٿو ذريعن موجب فلور ملز قيمتن ۾ امڪاني گهٽتائي سبب ڪڻڪ جي خريداري ۽ اٽي جي پيسائي گهٽتائي ڇڏي آهي ۽ رسد ۽ طلب ۾ فرق وڌڻ جي صورت ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو جڏهن ته حڪومتي ذريعن جي دعويٰ آهي ته ڪڻڪ جو وافر مقدار موجود آهي جلد نئين پاليسي جو اعلان ٿيندو ۽ اٽي جو بحران نه ايندو پنجاب ۾ اٽي جي قيمتن ۾ 1300 رپين تائين واڌ جي باوجود دستيابي مستحڪم نه پئي ٿئي. حڪومت پاران ڪڻڪ اٽي جي قيمتن ۾ امڪاني ڪمي سبب فلور ملز ڪڻڪ جي خريداري گهٽائي ڇڏي آهي حڪومت فلور ملز کي وقت کان اڳ سرڪاري ڪڻڪ جي فراهمي شروع ڪرڻ تي حتمي مشاورت شروع ڪري ڏني آهي فلور ملز کي جون بدران هلندڙ مهيني ئي سرڪاري ڪڻڪ جي فراهمي شروع ڪرڻ جو امڪان آهي ذريعن موجب وزيراعظم اوپن مارڪيٽ جي اٽي جي قيمتن ۾ 200 کان وٺي 300 رپيا في ڪٽو گهٽائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن موجب حڪومت 20 ڪلو اٽي جي ڪٽي جي قيمت هڪ هزار رپين وٺي 11 هزار رپين ۾ مقرر ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي ذريعن موجب حڪومت عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ في 20 ڪلو اٽو 600 رپين کان وڌيڪ سبسڊي برداشت ڪندي حڪومت ملڪ ۾ ڪڻڪ ذخيرن کي مستحڪم ڪرڻلاءِ ڪڻڪ امپورٽ تي مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي ٻئي پاسي پنجاب جي خوراڪ کاتي هن وقت تائين 41 لک ڪڻڪ خريد ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته 50 لک ٽن حدف مڪمل ڪرڻ لاءِ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي. 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *