ڪڻڪ جي خريداري لاءِ بينڪن کان وياج تي قرض ورتو ويندو آهي: ناصر شاهه جي سنڌ اسيمبليءَ کي آگاهي

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ شروع ٿيو. اجلاس ۾ سوالن جواب جي وٿي دوران خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير ناصر شاهه مختلف ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي ٻڌايو ته ڪڻڪ جي خريداري جي لاءِ بينڪن کان وياج تي قرض ورتو ويندو آهي، جنهن تي ايم ڪيو ايم جي ڪامران اختر چيو ته وياج حرام آهي ۽ وياج ڏيندڙ توڙي وٺندڙ ٻئي دوزخي آهن. خوراڪ کاتو اهڙو انتظام ڪري جنهن سان رقم وياج تي نه وٺڻي پئي. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته جيڪڏهن عالمي بينڪ کي دوزخ کان ڏيڄاريو ويندو ته هو هڪ ٽڪو به نه ڏيندا. وفاقي حڪومت به بينڪن ۽ عالمي مالياتي ادارن کي وياج ڏيندي آهي. خوراڪ واري وزير چيو ته جيڪڏهن ڪامران اختر ڀائي رقم جو بندوبست ڪري ڏئي ته پوءِ اسان وياج تي قرض نه وٺنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *