ڪٿي به جبري لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي، ڪي اليڪٽرڪ کي اوور ٽيڪ به ڪرڻو پيو ته ڪنداسين:عابد شير علي

اسلام آباد (بيورو) پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪٿي به جبري لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي، جڏهن ته ڪــَي اليڪٽرڪ کي 650 ميگاواٽ بجلي فراهم ٿي رهي آهي، جيڪڏهن کين اوور ٽيڪ به ڪرڻو پوي ته اهو به ڪندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جي ذميوار پيپلز پارٽي آهي جنهن ڪــَي اليڪٽرڪ کي خانگائڻ واري پرويز مشرفجي فيصلي جي حمايت ڪئي. هن چيو ته پراڻي معاهدي تحت حڪومت 650 ميگاواٽ بجلي ڪــَي اليڪٽرڪ کي ڏئي رهي آهي جڏهن ته گهــُرج ۽ سپلاءِ کي برقرار رکڻ ڪــَي اليڪٽرڪ جي ذميواري آهي. عابد شير علي چيو ته جيڪڏهن کين ڪــَي اليڪٽرڪ کي ٽيڪ اوور ڪرڻو پوي ته ان تان پوئتي نه هٽندا. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم نواز شريف جي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي پاڪستان جي دل آهي ۽ دل جي ڌڙڪن کي جاري رکڻو آهي. عابد شير علي چيو ته ڪراچي جي عوام لاءِ واٽر بورڊ جا اڍائي ارب رپيا به وفاقي حڪومت ادا ڪيا ته جيئن شهرين کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي. مملڪتي وزير چيو ته موجوده حڪومت 16 هزار 300 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار وڌائي ۽ جيڪڏهن ملڪ جي ڪنهن حصي ۾ ٽرانسفارمر خراب ٿئي ٿو ته ان ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ تبديل ڪرڻ ڪرڻ ۾ لڳندا آهن. عابد شير علي چيو ته خيبر پختون خواهه ۾ لوڊمينجمينٽ پاڻ صوبائي حڪومت ڪندي آهي ۽ وفاقي حڪومت خلاف جلوس ڪڍيا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *