ڪپتان جون پ پ کان راهون ڌار، عمران خان 30 آڪٽوبر تي اسلام آباد کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان  پاناما ليڪس معاملي تي پ پ کان الڳ ٿي  30 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف کي وزير اعظم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته نواز شريف ڏوهي ثابت ٿي ويو آهي، آئون کيس وزير اعظم نٿو مڃان. نواز شريف جي احتساب يا استعيفا تائين پارليامينٽ ۾ نه ويندس. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ نه وڃڻ تي تمام گھڻي تنقيد ٿي. ڪور ڪميٽي ۾ اڪثريت جو خيال هو ته مونکي وڃڻ گھرجي. منهنجو موقف هو ته آل پارٽيز سربراهي اجلاس ۾ ڀارت کي موقف ملي ويو آهي. هن چيو ته ڪشمير ۽ ايل او سي ڇڪتاڻ تي اسان سڀ متحد آهيون. هن چيو ته نواز شريف پاناما ليڪس ۾ ڏوهي ثابت ٿي ويو آهي، آئون کيس وزير اعظم نٿو مڃان. آئون هڪ ڏوهاري کي وزير اعظم مڃڻ لاءِ تيار ناهيان. هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ٻئي ڪرپٽ آهن، پارليامينٽ جي اجلاس ۾ پ پ ڇا ڪري ها، اندران ته هو ن ليگ سان مليل آهن. پارليامينٽ ۾ جيڪو ڪجھه ٿيو اهو سڀني ڏسي ورتو. هن چيو ته حڪمرانن قوم جي اخلاقيات کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف لنڊن ويو ته اتان ويهي مودي کي فون ڪيائين. اها آهي سندس حب الوطني؟. هن چيو ته اسين روڊن تي نه نڪرون ها ته پاناما ليڪس جو اشو ئي ختم ٿي وڃي ها. اسين روڊن تي نڪتاسين ته خورشيد شاهه وارن چيو ته سولو فلائيٽ ڪئي آهي، اسان انهن سان گڏجي وياسين ته به ڪجھه نه ٿيو.  هن چيوته اعتزاز احسن جهڙا ماڻهو پوري ڪوشش ڪن پيا ته نواز شريف جو احتساب ٿئي پر آصف زرداري ائين ٿيڻ نه ٿو ڏي. آصف زرداري ان ڪري نواز شريف سان گڏ آهي جو هو سمجھي ٿو ايندڙ وارو آصف زرداري جو آهي. پيپلزپارٽي واران اندران حڪمرانن سان مليل آهن. خورشيد شاهه کان وڌيڪ فرينڊلي اپوزيشن ڪهڙي ٿي سگھي ٿي. پ پ وارن کي چوان ٿو ته اهي به ايم ڪيو ايم جيان مائنس ون جو فارمولو اختيار ڪري آصف زرداري مان جند ڇڏائين. عمران خان وڌيڪ چيو ته نواز شريف مودي کي گرين سگنل نه ڏي ها ته مودي جي هيڏي همٿ نه ٿئي ها. اڄ جيڪو اسيمبلي ۾ ٿيو ان ۾ پيغام ڏنو ويو آهي ته پاڪستان ورهائجي ويو آهي. اسان کي نيب، ايف بي آر مان ڪا اميد ناهي. جيڪا اميد آهي اها سپريم ڪورٽ مان آهي پر اصل اميد عوام مان آهي. عمران خان موجب سپريم ڪورٽ ماضي ۾ ننڍين شين تي سوموٽو ايڪشن کڻندي آئي آهي، اڄ ادارا تباهه ٿي رهيا آهن. عوام اڄ قدم نه کنيو ته مافيا ڪنٽرول ڪري ويندي. جمهوريت جي نالي تي ڦر لٽ ٿي رهي آهي. جنهن ملڪ ۾ ادارا تباهه هجن ۽ ڌانڌلي سان اقتدار حاصل ڪجي اتي هاڻوڪن حڪمرانن جهڙا اقتدار ڌڻي ڪڍي نه سگھبا. هن چيو ته سڄي قوم تيار آهي، 30 آڪٽوبر تي سڀئي اسلام آباد پهچن. هن چيو ته آئون هنن جيان منافق ناهيان. آئون فضل الرحمان ۽ آصف زرداري جهڙو سياستدان ناهيان. عوام کي ملڪ بچائڻو آهي ته اسان سان گڏ بيهڻو پوندو. نه ته اهو سلسلو ائين هلندو رهيو ته نواز شريف ۽ زرداري وارا وٺندا رهندا. عمران خان موجب ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهو ملڪ بچائڻ لاءِ نٿا بيهي سگھن. حڪمرانن قوم جي اخلاقيات تباهه ڪري ڇڏي آهي. بلاول نواز شريف کي غدار چوي ٿو وري هٿ ملائي ساڻس ويهي رهي ٿو. آئون جنهن کي ڏوهي سمجھان ان سان هٿ نٿو ملائي سگھان. هن چيو ته نواز شريف ڀارت جي هڪ واپاري جندال سان ڳجھي ملاقات ڪئي. ان جو ڪهڙو مقصد؟ وزير اعظم گڏيل قومن ۾ تقرير ڪئي ته مودي چيو اها تقرير راحيل شريف جي چوڻ تي ڪئي وئي. نواز شريف پنهنجي ڪمزورين جي ڪري فوج کي بدنام ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *