ڪپتاني نئين ڳالهه ناهي،انضمام الحق جي چيف سليڪٽر ٿيڻ سُان ٽيم مضبوط ٿيندي: سرفراز احمد

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته ڪپتاني ڪرڻ منهنجي لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي،انضمام الحق جو چيف سليڪٽر ٿيڻ سُٺي ڳالهه آهي،ٽيم کي گهڻو فائدو پوندو.هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ هو ته  اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق کي چيف سليڪٽر بڻائڻ سان ٽيم کي گهڻو فائدو پوندو،خاص ڪري بيٽنگ جو مسئلو حل ٿي ويندو.سندس چوڻ هو ته انضمام الحق هڪ بهترين انسان ۽ عظيم ڪرڪيٽر آهي سندس چيف سليڪٽر ٿيڻ سان پاڪستان ٽيم هر شعبي ۾ مضبوط ٿي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *