ڪي پي ڪي ۾ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ گڏي ۽ گڏي واري راند نه آهي: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد (بيورو) چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان ڪي پي ڪي ۾ ٻيهر مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي عمران خان واري بيانتي سخت ڪاوڙ ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ گڏي ۽ گڏي واري راند نه آهي، ڪي پي ڪي جي شهر نوشهره ۾ مڪاني چونڊن دوران ڌانڌلي بابت چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي ڊي پي او ۽ ڊي سي او نوشهره پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران جسٽس رٽائرڊ سردار رضا صوبي ۾ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جي بيان تي ڪاوڙجي پيو ۽ چيو ته اليڪشن جي ڏينهن پوليس انتظاميا جي ڪنٽرول ۾ هو جنهن اليڪشن ڪميشن جو ساٿ نه ڏنو، جڏهن ته انتظاميا پاران سڄي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي توجه نه ڏني وئي، ان لاءِ ري اليڪشن ڪرائڻ وارن جو علاج ڪنداسين. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي ۽ نوڪري خدا جي هٿ ۾ ڪنهن خٽڪ، بنگش يا سيد جي هٿ ۾ نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *