ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊون اڄ ٿينديون،84هزار کان وڌيڪ اميدوار ميدان تي لٿل

پشاور (بيورو) ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊون اڄ ٿي رهيون آهن، پيپلز پارٽي، نون ليگ، پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين سميت 84هزار کان وڌيڪ اميدوار ميدان تي لٿل آهن. اليڪشن ڪميشن عورتن کي ووٽ کان روڪيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن  ڪميشن موجب، خيبر پختونخوا جي 41 هزار سيٽن تي 84 هزار 420 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو، جنهن لاءِ 11 هزار 211 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون  آهن. اليڪشن ڪميشن فوج جي نگراني ۾ ڪي پي ڪي جي 24 ضلعن ۾ 7 ڪروڙ کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز ۽ ٻيو اسٽيشنري سامان رٽرننگ آفيسرز حوالي ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، ڪي پي ڪي ۾ هڪ ڪروڙ 31 لک کان وڌيڪ ووٽرز ووٽ جو حق استعمال ڪندا. چونڊن دوران ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جا اهلڪار پولنگ اسٽيشنز تي سڪيورٽي جا فرض نڀائيندا. اليڪشن ڪميشن لوئر دير جي تڪ پي ڪي 95 تي عورتن کي ووٽ کان روڪڻ وارين شڪايتن کانپوءِ ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ خاص هدايتون جاري ڪيون آهن. اليڪشن ڪميشن  چيو آهي ته مڪاني چونڊن دوران عورتن کي ووٽن کان روڪڻ ڏوهه سمجهيو ويندو، جڏهن ته عورتن کي ووٽ کان روڪڻ واري اطلاع تي فوري طور ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *