ڪي پي ڪي ۾ عورتن جي تحفظ واري ٺهراءُ جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي: عمران خان

پشاور (م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته ڪي پي ڪي ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ مسودو تيار ڪري اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن موڪليو ويو آهي.پشاور ۾ بينظير ڀٽو شهيد يونورسٽي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته خيبر پختون خوا انتهاپسنديءَ سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ صوبو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته اهڙو ٺراءُء پاس ٿئي جنهن سا صوبو متاثر ٿئي.ان لاءِ عورتن جي تحفظ لاءِ مسودو تيار ڪيو ويو آهي،جنهن ۾ عورتن جي حقن جي اڳواڻي هوندي،جڏهن ته مسودو اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.عالمن سڳورن جي منظوري کانپوءِ اسيمبلي ۾ آڻي انهءَ تي بحث ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *