ڪي پي ڪي ۾ زلزلي سبب 184 ماڻهو فوت، 1456 زخمي ٿيا: پي ڊي ايم اي

پشاور(اي پي پي) سومر تي خيبر پختونخواه سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ آيل تاريخ جي شديد زلزلي ۾ خيبر پختونخواه صوبي ۾ 184 ماڻهو فوت، جڏهن ته1456 زخمي ٿيا آهن، تباهي پکيڙيندڙ زلزلي سبب 2097 گهر پڻ تباهه ٿي ويا. صوبائي ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) موجب سومر تي آيل 8.1 جي شدت جي زلزلي سبب خيبر پختونخواه صوبو سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو. جتي اڱاري جي صبح تائين رپورٽ ٿيل تفصيل موجب 184 مناڻهو فوت جڏهن ته 1456 زخمي ٿيا آهن. پي ڊي ايم اي موجب زلزلي سبب 2097 گهر تباهه ٿيا. اٿارٽي طرفان 7 ٽيمون فوري طور جوڙيون ويون آهن، جيڪي زلزلي متاثر ضلعن جو دؤرو ڪري نه رڳو متاثرن کي فوري رليف فراهم ڪنديون پر ان کان علاوه زلزلي سبب ٿيندڙ نقصانن جو پڻ جائزو وٺنديون. پي ڊي ايم اي موجب زلزلي سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون شانگله ضلعي ۾ ٿيون جتي 38 ماڻهو فوت ٿيا، اهڙيءَ طرح چترال ۾ 29، سوات 28، لوئر دير 22، اپر دير ۾ 15، طورغر 15، ڪوهستان اپر 11، بونير 8، چارسده، پشاور ۽ مردان ۾ 3-3، نوشهره، صوابي، مالاڪنڊ ۽ ڪوهستان لوئر ۾ 2-2 جڏهن ته مانسهره ۽ هنگو ۾ هڪ هڪ ماڻهو شهيد ٿيا. مجموعي طور تي زخمي ٿيل 1456 ماڻهن ۾ سڀني کان وڌيڪ زخمي لوئر دير ۾ 248، چترال 200، پشاور 165، سوات 161، اپر دير 147، مردان 101، بونير 95، اپر ڪوهستان 85، شانگله 80، مالاڪنڊ 78، ڪوهاٽ 21، صوابي، تورغر، بٽگرام 15-15، نوشهره 14، مانسهره 4، ڪوهستان 3، جڏهن ته بنون ۽ هنگو ۾ هڪ هڪ شخص زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *