ڪي پي ڪي حڪومت کي احتساب ڪميشن بابت پنهنجي پوزيشن ڪليئر ڪرڻ گهرجي: سراج الحق

لاهور (بيورو) ڪي پي ڪي حڪومت کي احتساب ڪميشن بابت پنهنجو پنهنجي پوزيشن ڪليئر ڪرڻ گهرجي جڏهن ته مارچ ۾ ڪرپشن فري پاڪستان مهم جي شروعات ڪئي ويندي. لاهور جي ٽائون شپ واري علائقي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته الزام هڻڻ سان ڪو ڪرپٽ ناهي ٿيندو. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته هو هر قسم جي احتساب لاءِ تيار آهن. سندس چوڻ هو ته احستاب سڀنن لاءِ هڪ جهڙو هجڻ گهرجي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته جيڪڏهن داعش خطرناڪ آهي ته عوام کي لٽڻ وارا به داعش آهن. سراج الحق چيو ته مارچ ۾ ڪرپشن خلاف شروع ٿيندڙ ڪرپشن فري پاڪستان مهم سڀني ڌرين کي شرڪت ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪرپشن ملڪ جي پاڙن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته الزام هڻڻ سان ڪو فرد يا ادارو ڪرپٽ نه ٿي ويندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن تي الزام ثابت ٿين ٿا ته پوءِ کيس ڪرپٽ چوڻ کپي. سراج الحق چيو ته ڪرپشن خلاف مهم ۾ ملڪ جو عوام ڀرپور نموني شرڪت ڪري ته جيئن ڪرپٽ ماڻهن کان ڇوٽڪارو ملي سگهي. سندس چوڻ هو ته دوائن ۾ ملاوٽ ذريعي انساني جانين سان کيڏيو پيو وڃي، جنهن خلاف حڪومت کي تڪڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن. هن چيو ته وفاقي حڪومت دوائن جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري غريب ماڻهن کي رليف فراهم ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *